خوشبخت شجاعت

خوشبخت شجاعت

خوشبخت شجاعت

خوشبخت شجاعت: نامور ليکڪا، ٽي. وي ڪمپيئر ۽ سياستدان خوشبخت شجاعت، پهرين نومبر 1948ع تي ڀارتي شهر ڀوپال ۾ جنم ورتو. بعد ۾ والدين سان گڏ ڪراچيءَ ۾ اچي رهي. کيس ننڍپڻ کان علم ادب سان چاهه هو. ادبي ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ سان گڏ لکڻ جي شروعات ڪيائين. خوشبخت شجاعت اسڪول ۽ ڪاليج جي تقريبن ۾ هڪ مقرر طور ڪافي انعام حاصل ڪيا. هن 1975ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم. اي ڪئي. سندس شهرت جو سبب پاڪستان ٽيليويزن تي نوجوانن جي پروگرامن جي ميزباني آهي، جنهن دوران هن ڪيترين وڏين شخصيتن جا انٽريو پڻ ورتا.
ويجهي ماضيءَ ۾ سياست ۾ داخل ٿي، متحده قومي موومينٽ جي ٽڪيٽ تي 2008ع جي چونڊن ۾ ڪراچيءَ جي تڪ NA-250 تان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي وئي. ايم. ڪيو. ايم جي ڪلچرل اينڊ لٽرري فورم جي صدر پڻ آهي.


لفظ خوشبخت شجاعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.11.01  عيسوي

نامور ليکڪا، ٽي. وي ڪمپيئر ۽ سياستدان خوشبخت شجاعت، پهرين نومبر 1948ع تي ڀارتي شهر ڀوپال ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بختاور شھيد
فقير محمد جعفري
پدن شرما
نثار بزمي
هرچندراءِ سوٽهڙ ڊاڪٽر
ڏيپچند ٽي اوجها
حبيب حضوري
پال سيزان
جمال فقير خاصخيلي
محمد رفيق بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون